ٻوٽن جي واڌ ويجهه

ٻوٽن جي واڌ ويجهه (ڪتاب ):زراعت جي موضوع تي لکيل هيءُ ڪتاب، حاجي اسلام الدين مجيداڻي جو لکيل آهي. 47 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 25 رپيا رکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد مان، 1994ع ۾ شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌ ۾ سائنسي اڀياس وارن ڪتابن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف، ٻوٽن جي پيوندڪاري، ان جي مختلف طريقن ۽ انهن جي سارسنڀال تي مختصر پر جامع لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ به ڏنل آهي .


لفظ ٻوٽن جي واڌ ويجههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو